Mail Google+ Picasa YouTube

Protest: New York against enforced disappearances

On Friday, August 18th, 2017, SANA and WSC protested near Pakistan consulate in New York against enforced disappearances in Sindh by state Secret agencies. Many community members, organizers, family, and friends came together to protest the illegal, inhumane and unconstitutional abductions of peaceful Sindhi political activists, Journalists, and Human Rights workers in Sindh, Pakistan.

نيو يارڪ (پريس رليز): سنڌ مان قومي ڪارڪنن، صحافين ۽ قلم ڪارن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران نيو يارڪ ۾ گڏيل احتجاجي مظاهرو

گذريل ڪيتري عرصي کان سنڌ جي پُر امن قومي ڪارڪنن ۽ قلم ڌڻين کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف سانا ۽ وسڪ پاران نيو يارڪ ۾ پاڪستاني ڪائونسل خاني آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ مظاهري ۾ نيو يارڪ، ڪنيڪٽيڪٽ ۽ ڀروارين رياستن ۾ رهندڙ سنڌين جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي۔

مظاهري کي خطاب ڪندي سانا ۽ وسڪ جي اڳواڻن ذاڪر بُلو ۽ فرحان ڪاغذي چيو ته سنڌ مان پُر امن قومي ڪارڪنن، ساڃاهه وندن ۽ قلم ڌڻين کي کنڀي گُم ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾‌مذمت ڪجي ٿي۔ دنيا جو ڪو به قانون ڪنهن شهري کي کنڀي گُم ڪرڻ، ٽارچر ڪرڻ يا عدالت کان مٿانهن قتلن جي اجازت نه ٿو ڏئي۔

هنن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو خلاف رياستي ادارن يا حڪومت وٽ ڪي ثبوت آهن ته کين ملڪي عدالتن ۾ پيش ڪري مٿن ڪيس هلايو وڃي۔