جي ايم سيد ميموريل ڪاميٽي ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس آمريڪا پاران هوسٽن شهر ۾ سائين جي ايم سيد جي 110 هين سالگره
جي ايم سيد ميموريل ڪاميٽي ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس آمريڪا پاران ٽيڪساس رياست جي هوسٽن شهر ۾ رهبر اعظم سائين جي ايم سيد جي 110 هين سالگره نهايت جوش خروش سان ملهائي ويئي جنهن ۾ نيويارڪ،ڪيليفورنيا ۽ ۽ٻن رياستن جي سنڌين پنهنجي ٻارن سميٽ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پروگرام جي شروعات زبير ڀنڀرو سنڌ جي قومي تراني سان ڪئي.ان بعد سيد جي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. منصور سمون آيل مهمانن جي آجيان ڪئي. ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي پنهنجي تقرير ۾ سائين جي ايم سيد جي قولن جي تشبيهات پيش ڪئي. جساف اڳواڻ عطاوسطڙو چيو ت سائين سنڌي قوم پرستي جا بنياد فراهم ڪيا.جسقم اڳواڻ حبيب ڀتو ايم ڪيو ايم کي پنهنجو رويو درست ڪرڻ لاءَ چيو. بلوچ اڳواڻ مالڪ بلوچ سيد کي بلوچ قوم پاران ڀيٽا پيش ڪئي. عبدالستار مڱڻهار چيو ت اسان کي ٻڌي ڪرڻ گهرجي. ڪينيڊا کان آيل دانشور دليپ رتناڻي چيو ت سائين جي متنازعا شخصيت ئي کيس عظيم بڻايو. سانا جي صدر جميل دائودي چيو ت سائين جا ڀٽو خاندان بات پيشنگويون صحيح ٿيون.
جي ايم سيد ايورڊ سنڌ ۾ خالق جوڻيجو کي سندس سائين جي ايم سيد بابت لکڻين جي خدمت جي اعتراف طور ۽ پارو چاولا کي هند ۾ رام پنجواڻي آشرم جي سيوا جي خدمت طور ڏنا ويا.
ان موقعي ت اميد علي لغاري آيل مهمانن جي شڪريا ادائي ڪئي.
آخر ۾ رحمان ڪاڪيپوٽوهيٺيون ايوان هيٺيون قراردادون پاس ڪيون جيڪي ايوان منظور ڪيون؛
1.جيئي سنڌ قومي محاذ جي شهيد چيئرمين بشير قريشي جي شهادت جي بين القوامي عدالت جي ججن کان تحقيقات ڪرائي وڃي.
2. جيئي سنڌ متحده محاذ تي رياستي آپريشن ختم ڪري ان مٿان لڳل رياستي پابندي ختم ڪري ان جي چيئرمين شفيع محمد برفت مٿان رکيل انعام ۽ وارنٽ ختم ڪيا وڃن
25 جنوري تي سنڌ ۾ لساني فرقي پرست برطانوي شهري الطاف حسين خلاف هڙتال دوران گرفتار سنڌي ڪارڪن آزاد ڪيا وڃن. ۽ ٽارچر سيلن ۾ قيد محمد علي نوناري، جاويد ميمڻ، مشتاق سومرو ۽ سهيل ڀٽوسميت بلوچ مسنگ پرسنز کي آزاد پڻ ڪيو وڃي.
4. تحفظ پاڪستان آرڊيننس جي نالي ۾ سنڌين ۽ بلوچن خلاف نسل ڪشي ختم ڪري ان آرڊيننس کي رد ڪيو وڃي.
5. سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري بند ڪري غير سنڌين کان سنڌ جي شهريت ختم ڪئي وڃي.
6. نسل پرست برطانوي شهري الطاف حسين جي سنڌ دشمن بيان تي برطانوي حڪومت نوٽيس وٺي.
WordPress › Error