مُلڪ ۾ نون صوبن جي ڳالهه ڪندڙ سنڌ سازشي انداز ۾ سنڌ ڌرتي جو ورهاڱو چاهين ٿا
الطاف حسين جو بيان سنڌ ۾ لساني فساد ڪرائڻ جي سازش آهي.ورلڊسنڌي ڪانگريس
لنڊن( پ ر)برطانيه ۾ ترسيل ايم ڪيوايم سربراهه الطاف حسين ۽ ايم ڪيوايم مسلسل سنڌ ۾ رهي سنڌ خلاف سازشن ۾ ملوث آهن. مُلڪ ۾ نون صوبن جو مطالبو ڪري سنڌ ڌرتي کي ورهائڻ جي سازش کي ڌرتي ڌڻي ڪڏهڻ به ڪامياب نه ٿيڻ ڏيندا. سنڌ صدين کا آزاد ۽خودمختيار مُلڪ رهيو آهي. سنڌ جي وحت خلاف سازش ڪندڙن کي سنڌ ۾ رهڻ جو ڪوبه حق نه آهي. اهڙو اظهار ورلڊسنڌي ڪانگريس جي چيئرمين لکومل لوهاڻي، سيڪيرٽري جنرل روبينا شيخ، سينئر وائس چيئرمين فرحان سومرو، ڊاڪٽر هدايت ڀٽو، علي ميمڻ ۽ ٻين پاران الطاف حسين جي نون صوبن جي حوالي سان ڏنل بيان جي سخت مذمتي بيان ۾ ڪيو. هنن وڌيڪ چيو ته الطاف حسين سنڌ خلاف ڳالهائڻ بند نه ڪيو ته ورلڊسنڌي ڪانگريس ايم ڪيو ايم جي برطانيه ۾ قائم انٽرنيشنل سيڪيرٽريٽ آڏو احتجاج ڪندي. ورلڊسنڌي ڪانگريس سمجهي ٿي ته الطاف حسين جو بيان سنڌ ۾ لساني فساد ڪرائڻ جي سازش آهي
WordPress › Error