Mail Google+ Picasa YouTube

سنڌ ۾ هندن سان ظلم پيو ٿئي، عالمي برادري تحفظ يقيني بڻائي: ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي اپيل

ڪراچي (خاص رپورٽ ) ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي اڳواڻن گڏيل قومن جي اداري هيومن رائيٽس ڪائونسل جي 21 هين سيشن ۾ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن کي اجاگر ڪيو، جنيوا ۾ جاري اجلاس کي خطاب ڪندي ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي سربراهه هدايت الله ڀٽو ۽ سيڪريٽري جنرل لکو لوهاڻي چيو ته سنڌ ۾ آيل مڪاني ادارن جو نئون آرڊيننس سنڌ جي وحدت تي وار ۽ تاريخي حيثيت سان هٿ چراند آهي، ان کي ڪروڙين سنڌي ڪڏهن به قبول نه ڪندا، هنن چيو ته گذريل ٽن سالن دوران سنڌ ۾ ٻوڏن ۽ برساتن سبب وڏي تباهي آئي آهي، جنهن سبب لکين سنڌي دربدر آهن، عالمي برادري حڪومت تي ڀاڙڻ بدران عالمي ادارن وسيلي متاثرن جي سڌي مدد ڪري، هنن چيو ته سازش تحت سنڌي قوم پرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي نشانو بڻائي قتل ڪيو پيو وڃي، هنن عالمي برادري کي سنڌين کي بچائڻ جي اپيل ڪئي، هنن چيو ته سنڌ ۾ هندن سان هٿ وٺي ناجائزيون ڪيون پيون وڃن، جنهن سبب هو گهر ۽ ڌرتي ڇڏڻ تي مجبور آهن، ان معاملي تي عالمي برادري آواز اٿاري ۽ سندن تحفظ يقيني بڻائي

WordPress › Error

There has been a critical error on this website.

Learn more about troubleshooting WordPress.